زمين دوست

زمين دوست (Friends of the Earth): برطانيا ۾ ماحوليات جي تحفظ لاءِ ٺاهيل هڪ تنظيم، هيءَ تنظيم 1971ع ڌاري قائم ٿي ۽ هن کي يو. ڪي ۾ 250 مقامي گروپن ۾ ورهايو ويو. هي گروپ ماحولياتي مسئلن جي حوالي سان سيمينار، احتجاج ۽ مظاهرا ڪرائيندو آهي. هن وقت تائين هن گروپ ڪيترائي ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان سيمينار ڪرايا آهن. هن تنظيم جون 25 کان وڌيڪ مُلڪن ۾ شاخون قائم ٿي چڪيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو